امام علي جنجھي

امام علي جنجھي

امام علي جنجھي

امام علي جنجھي: نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ماڊل اسڪول، ميرپورخاص مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ، اسلام ڪوٽ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرا ڪائونسلر، ’سنڌ ڪوتا ڪارج‘ تنظيم اسلام ڪوٽ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو خزانچي ۽ ’ميگهه سماجي‘ تنظيم جو 2003ع کان 2016ع تائين سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن غير سرڪاري اداري ‘PVDP’ ۾ سوشل موبلائيزر ايڊمن ايريا آفيس انچارج طور 15 سالن تائين سانگهڙ، خيرپور، ميرپورخاص، ماتلي، ننگرپارڪر ۾ ڪم ڪيو.کيس سامي فائونڊيشن پاران 2008ع ۾ ’پورب ڄائي‘ اوارڊ ڏنو ويو. سندس شاعري مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.15  عيسوي

نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم خليل
دکايل هوندراج
شبير هاتف
عبدالغفور مفتون همايوني
راز بلڙائي
ڀوپالي محسن
مير رضي الدين فدائي سبزواري
فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو
آسو رام
راضي فقير رند
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون